اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڌرتي جي خليفي طور ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي قرآن ۽ سنت سان ڳنڍڻو پوندو، قرآن ۽ سنت اسلامي تهذيب جا بنيادي ٿنڀ آهن، معرفت جو رستو علم ذريعي ئي طئي ڪري سگهجي ٿو. اسلامي تعليمات ۾ ڪائنات جي ڳولا ۽ تحقيق ڪرڻ رب پاڪ …
معرفت جو رستو علم ذريعي ئي طئي ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڌرتي جي خليفي طور ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي قرآن ۽ سنت سان ڳنڍڻو پوندو، قرآن ۽ سنت اسلامي تهذيب جا بنيادي ٿنڀ آهن، معرفت جو رستو علم ذريعي ئي طئي ڪري سگهجي ٿو. اسلامي تعليمات ۾ ڪائنات جي ڳولا ۽ تحقيق ڪرڻ رب پاڪ جي تسبيح جيئان لازم آهي. انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائن ۾ منعقد عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي امت ۾ پيدا ٿيڻ تي اسان کي رب پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، هي الله پاڪ جو تمام وڏو انعام آهي، دنيا کي الله سائين جو پيغام پهچائڻ جي ذميواري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي امت تي آهي ته جيئن ڪو به گمراهي جي رستي تي ڀٽڪي هدايت کان محروم نه رهجي. هن چيو ته هن وقت مسلمانن جي آبادي ٻه ارب کان وڌي چڪي آهي پر هڪ ڪروڙ آبادي وارو ملڪ ٻه ارب ماڻهن تي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي ۽ هو جڏهن به ۽ جيئن به چاهي مسلمانن جي رت سان کيڏي ٿو. هن جو چوڻ هو ته غزه ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم آهي، اسلامي ملڪن جي سربراهن وارو اجلاس به ٿيو پر اڄ به غزه تي بمباري ٿي آهي، اسان کي اڪثريت ۾ هئڻ باوجود اقليت هٿان نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مسلمانن کي سمجهڻ گهرجي ته معرفت جو رستو علم ذريعي ئي طي ڪري سگهجي ٿو، اسلامي تعليمات ۾ ڪائنات جي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ رب پاڪ جي تسبيح جيئان لازم آهي. اسان قرآن ۽ سنت کي هدايت سمجهڻ بدران قرآن ڪريم کي رڳو هڪ مقدس ڪتاب ۽ سيرت کي هڪ متبرڪ ڪهاڻي سمجهيو آهي جيڪڏهن اسان عشق رسول صلي الله عليه وسلم جي دعويٰ ڪيون ٿا ته اسان کي رشوت، ملاوٽ جي خاتمي، پنهنجن پاڙن ۽ بازارن ۾ گندگي پکيڙڻ، پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو آڻڻ، پاڙيسرين جي حقن جو خيال ڪرڻ ۽ ماپ تور صحيح ڪرڻ تي عمل ڪرڻو پوندو. هن جو چوڻ هو ته اسان کي سيرت نبي مان رهنمائي حاصل ڪندي ان جي تعليمات موجب پنهنجي زندگي گذارڻي آهي، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته اسان پٺتي رهجي وينداسين. وفاقي وزير چيو ته هن وقت دنيا کي موسمياتي تبديلين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، انسان ۽ فطرت وچ ۾ لاڳاپا عدم توازن جو شڪار هئڻ سان دنيا انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن 1500 سال اڳ اسان کي پاڻي جي تحفظ، وڻڪاري ۽ ماحوليات بابت اهم تعليم ڏني. سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي زندگي ۾ توازن قائم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪائنات توازن تي قائم آهي، سادگي اختيار ڪرڻ سان وسيلن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، اسان کي پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي جي حفاظت ڪرڻي پوندي، مسلمان جي حيثيت سان هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڌرتي جي خليفي طور ذميواريون سنڀالڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي قرآن ۽ سنت سان جوڙڻو پوندو.











