اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ڊجيٽل يوٿ حب نوجوانن کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل وسيلن تائين پهچ فراهم ڪندو، پاڪستان حڪومت تعليمي نظام ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان وزيراعظم آفيس ۾ يونيسيف جي نمائندي مس پينيلي …
ڊجيٽل يوٿ حب نوجوانن کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل وسيلن تائين پهچ فراهم ڪندو: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ڊجيٽل يوٿ حب نوجوانن کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل وسيلن تائين پهچ فراهم ڪندو، پاڪستان حڪومت تعليمي نظام ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان وزيراعظم آفيس ۾ يونيسيف جي نمائندي مس پينيلي آئرنسائيڊ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ رضاڪاراڻا طور ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم منصوبن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران مس آئرنسائيڊ ڊجيٽل يوٿ حب، پاڪستان جي تعليمي نظام ۽ قومي رضاڪار ڪورپ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. يونيسيف جي نمائنده مس آئرنسائيڊ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ڊجيٽل يوٿ حب ۽ قومي رضاڪار ڪورپ کي حمايت ڪندي ان ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ اهم سڌارن جي ضرورت تي به زور ڀريو. وزيراعطم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ڊجيٽل يوٿ حب نوجوانن کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل وسيلن تائين ذاتي پهچ فراهم ڪندو. ڊجيٽل يوٿ حب پاڪستان جي نوجوانن لاءِ هڪ اهم موقعو ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت تعليمي نظام ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نئون تعليمي نظام نوجوانن کي مستقبل جي چئلينجز لاءِ تيار ڪندو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته قومي رضاڪار ڪورپ ذريعي 20 لک رضاڪارن کي تربيت ڏني ويندي، قومي رضاڪار ڪورپ جو مقصد نوجوانن کي هاڪاري سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ آهي.











