ٻوڏ سبب اٽڪل 3 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئر پرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته ٻوڏ سبب اٽڪل 3 ملين ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي رقم جي فراهمي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي مقامي وسيلن سان گڏوگڏ گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي …

اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئر پرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته ٻوڏ سبب اٽڪل 3 ملين ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي رقم جي فراهمي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي مقامي وسيلن سان گڏوگڏ گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي ت شيري رحمان ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب 3 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، حڪومت کي بنا دير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرن کي بي آءِ ايس پي تحت امداد منتقل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي مني بجيٽ جي بدران گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪرڻ گهرجي. شيري رحمان چيو ته 2022ع جيئان متاثر خاندانن کي فوري طور بي آءِ ايس پي تحت رقم جي فراهمي ڪرڻ گهرجي. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته متاثر ماڻهن جو تعداد، هنڌ ۽ ضرورتن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ٻوڏ متاثر 3 لک ماڻهو خيمن ۾  رهيا پيا آهن، خيمه بستين ۾ پاڻي، بجلي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، حڪومت ٻوڏ متاثرن ۾ امداد جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي، رليف ڪيمپن کي انساني معيار مطابق بهتر بڻايو وڃي، عارضي خيمن کان مستقل رهائش طرف منتقلي جو منصوبو پيش ڪيو وڃي. اجلاس کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين  ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 998 فوتگيون جڏهن ته 1062 ماڻهو زخمي ٿيا، هن ڀيري ماحولياتي تبديلي جي شروعات بونير ۽ گلگت مان فليش فلڊنگ سان ٿي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ نيوي پاڪ فوج سان گڏجي ريسڪيو آپريشن ۾ جاري اهي، هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ رليف ڪيمپون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ پاڻي ڇڏڻ جي حوالي سان اسان سان ڪا به ڊيٽا شيئر ناهي ڪئي، ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو سڀ کان وڌيڪ رهيو، هاڻي وهڪرن جو رخ گڊو ۽ پوءِ سکر کان ٿيندو عربي سمنڊ ڏانهن هوندو. هن چيو ته اسان روزاني پي ڊي ايم اي کان نقصانن جي حوالي سان ڊيٽا وٺندا آهيون، پنجاب ۾ 29 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا به اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران سينيٽر وقار ٻڌايو ته ملڪ ۾ ارلي وارننگ سسٽم جو نه هئڻ هاڻوڪي تباهي جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي رهيو آهي.

مزید خبریں