اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فلسطين وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ 30 ڏينهن ۾ ”پاڪستان – فلسطين هيلٿ ورڪنگ گروپ“ قائم ڪيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ رهنمائي ڪندو. ان موقعي تي قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته جديد …
پاڪستان ۽ فلسطين وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال خاص مهمان هو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فلسطين وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ 30 ڏينهن ۾ ”پاڪستان – فلسطين هيلٿ ورڪنگ گروپ“ قائم ڪيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ رهنمائي ڪندو. ان موقعي تي قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته جديد طبي شعبن ۾ صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، انٽرنيشنل ڪارڊيالوجي آرگن ٽرانسپلانٽ آرٿوپيڊڪ سرجري اينڊ وسڪوپڪ الٽراسائونڊ برن اينڊ پلاسٽڪ سرجري جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته موذي مرضن، اکين جي مرضن ۽ فارماسيوٽيڪل جي شعبي ۾ به گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تحقيق جا موقعا ڳوليا ويندا. هن جو چوڻ هو ته معاهدي جا مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي صحت بهتر بڻائڻ لاءِ ويجهي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي، اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان صحت جي ميدان ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکنداسين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪستان طرفان صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ فلسطين طرفان سندن سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد الله زيد معاهدي تي صحيحون ڪيون. فلسطيني سفير صحت واري وزير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته فلسطين ۽ پاڪستان برادر ملڪ آهن ۽ ٻئي عوام جي صحت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. تقريب ۾ صحت وارو وفاقي وزير حامد يعقوب، صحت وارو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊي جي هيلٿ به موجود هئا.











