نسٽ ۽ نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۽ نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي هڪ يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪيون ويون. تقريب نسٽ سينٽرل لائبريري ۾ منعقد ٿي. تقريب جو خاص مهمان پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري هو، جنهن نسٽ ۽ نيشنل آرڪائيوز جي ان حصيداري کي ساراهيو ان کي ملڪ جي تاريخي ورثي جي تحَفظ طرف …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۽ نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي هڪ يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪيون ويون. تقريب نسٽ سينٽرل لائبريري ۾ منعقد ٿي. تقريب جو خاص مهمان پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري هو، جنهن نسٽ ۽ نيشنل آرڪائيوز جي ان حصيداري کي ساراهيو ان کي ملڪ جي تاريخي ورثي جي تحَفظ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ان مفاهمتي يادداشت تحت ٻئي ادارا تحقيق، تربيت ۽ تاريخي دستاويزن جي تحفظ لاءِ گڏيل تعاون ڪندا. تقريب ۾ اعليٰ عملدارن، استادن، شاگردن ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي. نسٽ طرفان ”قائد ڪارنر“ جي قيام کي به ان حصيداري جو اهم جزو قرار ڏنو ويو، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي پاڪستان جي باني جي ويزن کان روشناس ڪرائڻ آهي.

مزید خبریں