راولپنڊي-17سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجوگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن …
سيڪيورٽي فورسز هٿان بلوچستان ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-17سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجوگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. آهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي کان علائقي کي مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ”ڀارت جي سرپرستي ۾ دهشتگردي“ جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهن.











