اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لڳاتار ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 129.72 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 56 هزار 310 پوائنٽس تي پهچي ويو. ٻنپهرن جو پوڻا 2 وڳي تائين 958757294 شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن جي ماليت 28.62 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.14 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. ڪي ايس اي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳاتار ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس هڪ لک 56 هزار 310 پوائنٽس تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لڳاتار ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 129.72 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 56 هزار 310 پوائنٽس تي پهچي ويو. ٻنپهرن جو پوڻا 2 وڳي تائين 958757294 شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن جي ماليت 28.62 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.14 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس ۾ 0.45 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ انڊيڪس 47713.94 پوائنٽس تي پهچي ويو. اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 402.48 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 230124 پوائنٽس تائين پهچي وئي. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام، بئنڪ آف پنجاب ۽ پيس پاڪستان لميٽيڊ سر فهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











