سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل پاران اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جوابدار محمد غواث، عمران منير، اظهر فاروق، طاهر گهمن، خرم شهزاد، ادريس چوڌري ۽ ساجد علي وڙائچ کي عدالت ۾ پيش ڪري موقف اختيار ڪيو …

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جوابدار محمد غواث، عمران منير، اظهر فاروق، طاهر گهمن، خرم شهزاد، ادريس چوڌري ۽ ساجد علي وڙائچ کي عدالت ۾ پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان ريڪوري ۽ رڪارڊ سميت ڪيس جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ وڌيڪ جاچ گهربل آهي تنهن ڪري جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. قومي خابرو اداري اي پي پي پاران حسنين حيدر ٿهيم ايڊووڪيٽ، خرم بٽ ۽ روحيل اصغر ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. روحيل اصغر ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته گرفتار جوابدار ٻين شريڪ جوابدارن سان ملوث آهن، انهن جعلي ووچرز ٺاهيا جنهن جي جاچ ضروري آهي ۽ لاڳاپيل جوابدارن به فائدا حاصل ڪيا آهن، انهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي. هن عدالت کي ٻڌايو ته اهو معاملو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ ايف آءِ آر ٿي آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر محمد جنيد عدالت کي ٻڌايو ته اي جي پي آر کان رڪارڊ فراهم نه پيو ڪيو وڃي، عدالت لاڳاپيل آفيسرز کي حڪم جاري ڪري. جاچ آفيسر ٻڌايو ته سيلري ڪريڊٽ شيٽس جو رڪارڊ ۽ جوابدارن کا ريڪوري ڪرڻي آهي تنهن ڪري جوابدارن جي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظوري ڪئي وڃي. فاضل جج احمد شهزاد گوندل جي پڇاڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر محمد جنيد ٻڌايو ته جوابدارن جي خلاف 38 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ 17 ڪروڙ ۽ 21 ڪروڙ رپيا منتقل ٿيا آهن جن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ جوابدارن کي وڌيڪ تحويل ۾ رکڻ ضروري آهي، جنهن تي عدالت جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ايف آءِ قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ 16 جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گذريل ڏينهن اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور 13 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست خارج ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ايف آءِ اي 7 جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

مزید خبریں