پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر شروعات لاءِ پُرعزم آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر شروعات لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ازبڪستان جي دؤري دوران ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله عريپوف سان ملاقات ۾ چئي. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ازبڪستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ …

اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر شروعات لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ازبڪستان جي دؤري دوران ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله عريپوف سان ملاقات ۾ چئي. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ازبڪستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ فيبروري ۾ وزيراعظم جي ازبڪستان جي دؤري جي تسلسل ۾ هارون اختر خان ازبڪستان جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، ايس آءِ ايف سي ۽ صنعت ۽ پيداوار جا نمائندا به گڏ هئا. دؤري دوران هارون اختر خان ازبڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رابطا ڪاري، بئنڪنگ، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ سميت سهڪار جي اهم شعبن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص صلاحڪار وزيراعظم طرفان ازبڪ قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر شروعات لاءِ پُرعزم آهي. واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ بئنڪنگ ۾ سهولتن لاءِ هن ازبڪستان کي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي برانچ کولڻ ۽ ترجيحي واپار جي معاهدن ۾ شين جي فهرست کي توسيع ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ازبڪستان جي وزيراعظم خاص صلاحڪار جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني قيادت لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڌُرين ٻه طرفي ناتن جي اهم معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اعليٰ سطحي رابطن کي جاري رکيو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿين.

مزید خبریں