اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته آنڌي/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جا معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته آنڌي/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جا معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي. مسافرن ۽ سياح سفر دوران وڌيڪ محتياط رهن ۽ موسمي صورتحال مطابق پنهنجي سفر جو انتظام ڪن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته سامونڊي علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 42، نوڪنڊي، دالبندين، سبي ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











