نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمن پرڏيهي وزير جوهان ويڊيفُل جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمن پرڏيهي وزير جوهان ويڊيفُل ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب خيالن جي ڏي وٺ دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ويجهو …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمن پرڏيهي وزير جوهان ويڊيفُل ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب خيالن جي ڏي وٺ دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں