پ پ چيئرمين پاران بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ آپريشن دوران 5 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ آپريشن دوران آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل ڪئپٽن وقار احمد، نائيڪ عصمت الله، لانس نائيڪ جنيد احمد، لانس نائيڪ خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور کي خراجِ …

شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ آپريشن دوران آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل ڪئپٽن وقار احمد، نائيڪ عصمت الله، لانس نائيڪ جنيد احمد، لانس نائيڪ خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل اهلڪارن جي بهادري جي عزم کي ساراهيو. هن شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي پُختي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں