صدر آصف علي زرداري جي زراعت، ماحوليات ۽ ماس ٽرانزٽ جي شعبن ۾ چيني ڪمپنين سان شنگهائي ۾ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت

شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زراعت، ماحوليات ۽ ماس ٽرانزٽ جي شعبن ۾ چيني ڪمپنين سان شنگهائي ۾ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ صدر سان گڏ هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مفاهمتي يادداشت ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس …

شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زراعت، ماحوليات ۽ ماس ٽرانزٽ جي شعبن ۾ چيني ڪمپنين سان شنگهائي ۾ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ صدر سان گڏ هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مفاهمتي يادداشت ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ قائم ڪرڻ بابت هئي جنهن جو مقصد زرعي پيداوار جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. ان يادداشت تي شنگهائي هواوي ايگري ٽيڪ گروپ ۽ مسڪائي اينڊ فمٽي ٽريننگ ڪمپني صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان پاران شاهد تواوالا نمائندگي ڪئي. ٻي مفاهمتي يادداشت ٽه ڌريو معاهدو هو جنهن تحت پاڪستان ۾ هڪ ووڪيشنل ادارو شينونگ ڪاليج قائم ڪيو ويندو جيڪو آبادگارن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيت فراهم ڪندو. ان معاهدي تي لانگ پنگ هاءِ ٽيڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي (بيجنگ) ڪمپني لميٽيڊ جي چيئرمين چن زي شن، بيجنگ جيالونگ ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي وائيس چيئرمين جيالونگ ۽ پاڪستان پاران اي ايس ايم سروسز جي نمائندي شاهد تواوالا صحيحون ڪيون. ٽئين مفاهمتي يادداشت ٽائر ري سائيڪلنگ منصوبي بابت هئي جنهن جو مقصد ماحول دوست ويسٽ مئنيجمينٽ طريقن کي فروغ ڏيڻ آهي. ان تي ميري ٽائيم سلڪ روڊ هولڊنگز (چنگ ڊائو) ڪمپني لميٽيڊ جي نمائندي چنگ لانگ ۽ پاڪستان پاران اي ايس ايم سروسز جي نمائندي شاهد تواوالا صحيحون ڪيون. صدر آصف علي زرداري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اهي مفاهمتي يادداشتون پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، فني ۽ ماحولياتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي سلسلي ۾ عملي اڳڀرائي آهي. تقريب ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائي ڊونگ، جڏهن ته سنڌ جا وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں