پاڪستان سميت 16 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاران غزه ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت 16 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن غزه ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، آئرلينڊ، ليبيا، ملائيشيا، مالديپ، ميڪسيڪو، عمان، قطر، سلوينيا، سائوٿ آفريقا، اسپين ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي بيان ۾ گلوبل صمود فلوٽيلا جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ان فلوٽيلا ۾ ڄاڻايل ملڪن جا شهري شريڪ …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت 16 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن غزه ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، آئرلينڊ، ليبيا، ملائيشيا، مالديپ، ميڪسيڪو، عمان، قطر، سلوينيا، سائوٿ آفريقا، اسپين ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي بيان ۾ گلوبل صمود فلوٽيلا جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ان فلوٽيلا ۾ ڄاڻايل ملڪن جا شهري شريڪ آهن، جيڪا هڪ سول سوسائٽي جي ڪوشش آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب گلوبل صمود فلوٽيلا پنهنجي مقصدن جي طور تي غزه کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد پهچائڻ ۽ فلسطيني عوام جي سنگين ضرورتن ۽ غزه ۾ جنگبندي جي خاتمي جي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته امن، انساني همدرديءَ جي امداد جي فراهمي ۽ عالمي قانونن خاص طور تي انساني همدرديءَ جي قانونن جو احترام اسان جا گڏيل مقصد آهن. پرڏيهي وزيرن زور ڏنو ته فلوٽيلا جي خلاف ڪنهن به غيرقانوني يا پرتشدد ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ عالمي قانونن ۽ انساني همدرديءَ جي قانونن جو احترام ڪيو وڃي. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته فلوٽيلا جي شرڪت ڪندڙن جي انساني حقن يا عالمي قانونن جي ڪنهن به خلاف ورزي بشمول عالمي پاڻين ۾ جهازن تي حملو يا غيرقانوني حراست جي صورت ۾ ذميوارن کي جوابده قرار ڏنو ويندو.

مزید خبریں