اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پيغام پاڪستان ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي دفاع ۽ امن جي فروغ جو نالو آهي، امن جي پيغام کي گهر گهر پهچايو ويندو، ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، دهشتگردن جا سهولتڪار به دهشتگرد آهن، پاڪ فوج جو ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ …
پيغام پاڪستان ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي دفاع ۽ امن جي فروغ جو نالو آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پيغام پاڪستان ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي دفاع ۽ امن جي فروغ جو نالو آهي، امن جي پيغام کي گهر گهر پهچايو ويندو، ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، دهشتگردن جا سهولتڪار به دهشتگرد آهن، پاڪ فوج جو ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين ۽ پيغام امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان گڏ قومي پيغام امن ڪميٽي جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير اهم عالمن ۽ غيرمسلم ڪميونٽيز جي نمائندن جا دل سان ٿورا ادا ڪيا ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ته انهن ان اهم قدم جو حصو بڻجڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پيغام پاڪستان پوري ملڪ ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته رياست پاڪستان جي خلاف ڪو جهاد نٿو ٿي سگهي ڇو ته پاڪستان اسلامي رياست آهي ۽ اسلام ۽ شريعت ۾ ان جي گنجائش نه آهي، ان بابت سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن جي فتويٰ آهي. هن چيو ته پيغام پاڪستان وڏي ڪامابي سان جاري آهي ۽ سائي جهنڊي جي اڇي حصي جي نمائندگي به ان ۾ شامل آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ غيرمسلم ڪميونٽيز جو ڪردار سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته پيغام پاڪستان جي لاءِ عالمن جون وڏيون قربانيون آهن، ڪيترائي علماءِ حق ان جي ڪري شهيد ٿيا جو انهن جو دهشتگردن جي خلاف آواز بلند هو. وفاقي وزير چيو ته هي ملڪ 27هين رمضان جي رات وجود ۾ آيو ۽ ان ۾ ماڻهن جون عظيم قربانيون، رت ۽ جانين جا نذرانا شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي دفاع جي لاءِ اسان جي بهادر فوج جون وڏيون قربانيون آهن، معرڪه حق دوران پوري قوم گڏ ٿي ۽ اهو پيغام پاڪستان هو جنهن سڀني کي سگهه ڏني. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٻه قومي نظريي جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته پيغام پاڪستان جي ڇٽيءَ هيٺ هڪ پيغام امن ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جا مقصد اهي آهن ته ملڪ ۾ جيستائين امن قائم نه ٿيندو، امن کي خراب ڪندڙن جو کلي نالو نه ورتو ويندو ۽ دين اسلام جو پيغام گهر گهر نه پهچايو ويندو ته ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. هن چيو ته هن ڪميٽي جي ذريعي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ امن جو پيغام پهچايو ويندو، سيمينارز، جلسن ۽ جلوسن، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ان پيغام کي اڳتي وڌايو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردي جي ان جنگ ۾ قوم 90 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. اها ڳالهه واضح آهي ته دهشتگردن جو ڪو رنگ، نسل يا مذهب ناهي هوندو، اسان رياست جي دفاع ۽ سالميت جي لاءِ آخري حد تائين وينداسين ۽ امن جو پيغام هر جڳهه تي پهچائينداسين. هن چيو ته اسان روزانو پنهنجي جوانن ۽ آفيسرن جا لاش کڻون ٿا، جيڪي اسڪولن جي ٻارن تائين کي نه ٿا بخشين انهن جو ڪو دين يا مذهب نٿو ٿي سگهي، هي اهي عنصر آهن جيڪي رياست پاڪستان جي خلاف آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته دهشتگردن جا سهولتڪار به دهشتگرد آهن. هن چيو ته سمورن مڪتبه فڪر جا عالم ان تي متفق آهن ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪا گنجائش نه آهي. هن چيو ته پيغام پاڪستان جي تسلسل ۾ پيغام امن کي اڳتي وڌايو ويندو، پوري پاڪستان ۾ ان تي اتفاق ڪيو وڃي ٿو ۽ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ميڊيا جي ذريعي ان کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان انشاءَالله قيامت تائين قائم ۽ دائم رهندو، ترقي ڪندو ۽ دهشتگردي جي لعنت کي اسان سڀ گڏجي سدائين جي لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته جتي اسان جي بهادر فوج قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي، اتي منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويٺل محترم نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن ۽ ان حفاظت جو حق اسان سڀ گڏجي ادا ڪنداسين.











