تهران -16 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل خوشحالي جي نئين باب جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو صنعتي شعبو بهتر ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي ۽ سروسز ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ ايران بزنس فورم 2025ع کي خطاب ڪندي …
پاڪستان جو صنعتي شعبو بهتر ٿي رهيو آهي: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
تهران -16 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل خوشحالي جي نئين باب جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو صنعتي شعبو بهتر ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي ۽ سروسز ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ ايران بزنس فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪو تهران ۾ پاڪستان ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن (جي اي سي) جي 22هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ايراني ۽ پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن، اختيارين ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. تهران مان جاري پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير ڄام ڪمال خان فورم کي خطاب ۾ چيو ته بزنس فورم جو ايڏي وڏي پئماني تي پهريون ڀيرو منعقد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام دوستي جي ٺوس معاشي نتيجن مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهن. هن به طرفي واپار کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو، جن ۾ بينڪنگ، لاجسٽڪس، شپنگ، ايوي ايشن، فري زونز، هاءِ اينڊ مينيوفيڪچرنگ، زراعت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ۽ 17 نون پروٽوڪولز تي ڳالهيون، بارڊر مارڪيٽس ۽ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال بڻائڻ آهي ته جيئن سرحدي علائقن ۾ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌن، پاڪستان حڪومت جي پنجن سالن واري معاشي منصوبي اڏام پاڪستان تحت توانائي، معدنيات، زراعت ۽ مينيوفيڪچرنگ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ڪسٽمز، ٽيرف ۽ ريگيوليٽري رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ پاڪستاني ۽ ايراني ٽيمن وچ ۾ ويجهو فني سهڪار شامل آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان حڪومت ايران سان واپار ۽ رابطن کي اعليٰ ترين اسٽريٽجڪ ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته اسان جو صنعتي شعبو بهتر ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي ۽ سروسز ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير ايراني ڪمپنين کي نومبر 2025ع ۾پاڪستان ۾ ٿيندڙ ايگريڪلچر ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته اهو موقعو مينيوفيڪچرنگ ۽ نئين مارڪيٽن کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ گيٽ وي ثابت ٿيندو. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جلد 23هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جو اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ڪندو ته جيئن تهران ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. فورم کي خطاب ڪندي ايران جي وزير فرزانه صادق گذريل گذريل سالن ۾ به طرفي واپار ۾ ذڪر جوڳي اضافي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته واپار گذريل سال 3.1 ارب ڊالرز کان وڌي ويو هو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي رهنمائي ۾ واپاري هدف 10 ارب ڊالر تائين پهچائڻ لاءِ اڳڀرائي جاري آهي. فرزانه صادق دواسازي، سيرامڪس ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن تي دلچسپي ظاهر ڪئي. فرزانه صادق چيو ته پاڪستان ايران بزنس فورم ٻنهي ملڪن لاءِ عملي پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو جنهن سان تعاون ۾ تيزي ۽ ٻنهي قومن لاءِ ٺوس نتيجا حاصل ٿيندا. ايران جي وزير پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل قيمتي جاني ۽ مقالي نقصان تي افسوس جو اظهار به ڪيو. ڄام ڪمال خان ايران جي حڪومت، ايران جي شهري ترقي ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير فرزانه صادق ۽ ايراني ٽريڊ پروموشن آرگنائيزيشن جي شاندار انتظامن ۽ ميزباني تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته اسان جي اقتصادي شراڪتداري کي به تمام گهڻو گهرو ۽ پائيدار هئڻ گهرجي جيترو اسان جا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن. فورم جي پڄاڻي تي ٻنهي وزيرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ ايران تاريخي لاڳاپن کي پائيدار ۽ جديد اقتصادي شراڪتداري ۾ آڻي علائقائي خوشحالي ۽ عالمي هڪجهڙائي جي راهه هموار ڪنداسين.











