پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي: سردار ياسر الياس

اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياحت بابت ڪو آرڊينيٽر سردار الياس چيو آهي، ته پاڪستان قدرتي حسن، تاريخي عمارتن، ناياب ثقافتي ورثي، قديم ڏهاڙن ۽ مذهبي ماڳن سان مالا مال آهي جيڪو سياحن لاءِ دنيا ۾ هڪ جنت آهي. ٻيلن جي واڍي ماحوليات ۽ سياحت لاءِ وڏو خطرو آهي، هلندڙ سال نومبر ۾ پاڪستان ۾ عالمي ٽوئرازم روڊ ايڪسپو منعقد ڪيو ويندو، سياحت کي هٿي وٺائڻ …

اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياحت بابت ڪو آرڊينيٽر سردار الياس چيو آهي، ته پاڪستان قدرتي حسن، تاريخي عمارتن، ناياب ثقافتي ورثي، قديم ڏهاڙن ۽ مذهبي ماڳن سان مالا مال آهي جيڪو سياحن لاءِ دنيا ۾ هڪ جنت آهي. ٻيلن جي واڍي ماحوليات ۽ سياحت لاءِ وڏو خطرو آهي، هلندڙ سال نومبر ۾ پاڪستان ۾ عالمي ٽوئرازم روڊ ايڪسپو منعقد ڪيو ويندو، سياحت کي هٿي وٺائڻ سان ساليانو 30 کان 40 بلين ڊالرز جو مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿي سگهي ٿو، سرڪاري غير فعال ملڪيتن کي 50 کان 60 سال جي ڊگهي مدي لاءِ ليز تي مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڏنو ويندو، سياحن لاءِ آن لائين پورٽل ٺاهيا پيا وڃن جتي سياحتي ماڳن، هوٽل بڪنگ، موسمي اپڊيٽ ۽ سموري ضروري سفري ڄاڻ دستياب هوندي. اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان سياحت کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو هڪ تاريخي فيصلو آهي جيڪو ملڪي معيشت سان گڏوگڏ پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ کي به بهتر بڻائيندو. ٻيلن جي واڍي موسمياتي تبديلي ۽ سياحت جي لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته سياحت جو شعبو ڊگهي عرصي کان نظر انداز ٿي رهيو آهي ۽ آئين ۾ 18هين ترميم کان پوءِ صوبائي سطح تي انفرادي ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ان جي بحالي ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ان حڪمت عملي تحت نيشنل ٽوئرازم ڪو آرڊينيشن بورڊ کي بحال ۽ نئين سر جوڙجڪ  ڪئي ويندي ته جيئن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ آهن آهنگي پيدا ڪري سگهجي. سردار ياسر الياس ٻڌايو ته نومبر ۾ هتي هڪ شاندار عالمي ٽوئرازم روڊ ايڪسپو منعقد ڪرائڻ جو پلان آهي، جنهن ۾ پاڪستاني کاڌن کي خاص طور تي اجاگر ڪيو ويندو ۽ عالمي شيف جي موجودگي ۾ ڪوڪنگ مقابلا به ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ موجود سياحتي ماڳن ۽ موقعن بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي ويزا پاليسي کي انتهائي آسان بڻايو ويو آهي، دنيا جي 126 ملڪن جا سياح آن لائين ويزا حاصل ڪري سگهندا، ويزا فيس به ختم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ويزا رسد کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن کنيا پيا وڃن. سياحت کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب م سردار ياسر الياس چيو ته سوشل ميڊيا ۽ وي لاگز ذريعي پاڪستان جي سياحت کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي.

مزید خبریں