آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ماسڪو پهچي وئي

ماسڪو -16 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن  بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو پهچي وئي. وفاقي وزير ٻي انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. ڪانفرنس 16 کان 18 سيپٽمبر تائين پيٽرياٽ ايڪسپو، ماسڪو ريجن ۾ منعقد ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب ايونٽ ۾ 30 ملڪن مان 500 اسپيڪرز ۽ 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون …

ماسڪو -16 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن  بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو پهچي وئي. وفاقي وزير ٻي انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. ڪانفرنس 16 کان 18 سيپٽمبر تائين پيٽرياٽ ايڪسپو، ماسڪو ريجن ۾ منعقد ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب ايونٽ ۾ 30 ملڪن مان 500 اسپيڪرز ۽ 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير انٽرنيشنل پلينري سيشن (ڊجيٽل ڪمپاز آف دي ايس سي او- پارٽنر ڊائلاگ: ڪورس آن ٽرسٽيڊ ٽيڪنالاجيز)  ۾ اسپيڪر طور شرڪت ڪندي. وفاقي وزير شزا فاطمه روس جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير اينٽن عليخانوف سان ملاقات به ڪندي. وفاقي وزير جي روس جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ، ڪميونيڪيشنز اينڊ ماس ميڊيا واري وزير ماڪسوت اگوروچ شادائيف سان به ملاقات ٿيندي.

مزید خبریں