اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ضلعي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن وقار احمد ۽ 4 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪيپٽن وقار احمد ۽ 4 جوانن شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪيپٽن وقار احمد ۽ جوانن جي قرباني کي سلام پيش ڪندي. شهيدن پنهنجي قيمتي رت سان امن جي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران ضلع ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن وقار احمد ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ضلعي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن وقار احمد ۽ 4 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪيپٽن وقار احمد ۽ 4 جوانن شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪيپٽن وقار احمد ۽ جوانن جي قرباني کي سلام پيش ڪندي. شهيدن پنهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي. وفاقي وزير ڪيپٽن وقار احمد ۽ ٻين شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي آپريشن فتنه الهندوستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











