اسلام آباد-16سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 41 هزار …
ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر

مزید خبریں
اسلام آباد-16سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 41 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ 1 لک 41 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 30 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 52 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 لک 24 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 94 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 71 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 18 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 93 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 82 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1237.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.935 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.











