نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ ادارن کي گئس جي پائيدار فراهمي بابت اجلاس

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀاڻ ٺاهيندڙ ادارن کي گئس جي پائيدار فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد آبادگارن جي لاءِ ڀاڻ جي مستحڪم قيمتن ۽ وقت سر دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي قيمتن جي تعين جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڀاڻ جي …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀاڻ ٺاهيندڙ ادارن کي گئس جي پائيدار فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد آبادگارن جي لاءِ ڀاڻ جي مستحڪم قيمتن ۽ وقت سر دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي قيمتن جي تعين جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڀاڻ جي پلانٽس جي لاءِ گئس جي موجوده مختص رقم ۽ آبادگارن جي سگهه سان گڏ صنعت جي پائيداري کي متوازن ڪرڻ جي لاءِ آپشنز جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم وزارتن، ريگيوليٽرز ۽ صنعت جي وچ ۾ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن متوقع گئس جي فراهمي جي ضمانت ڏئي سگهجي، مارڪيٽ ۾ بگاڙ کي روڪي سگهجي. هن لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙي حڪمت عملي جوڙين جيڪا آبادگارن کي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ کوٽ کان محفوظ رکي. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، بجلي، موسمياتي تبديلين ۽ نجڪاري وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه کانسواءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين، چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين، نيسنل ڪوآرڊينيٽر پاور، لاڳاپيل سينيئر عملدارن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں