سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاران مير محمد صادق سنجراڻي ۽ مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات

اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين مير محمد صادق سنجراڻي ۽ ايم اين اي مولانا عبدالغفوري حيدري سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ سندن خاندانن سان  ٿيل سانحن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق سيدال خان تعزيت لاءِ محمد صادق سنجراڻي جي گهر پهتو جتي هن سندس والد جي لاڏاڻي تي گهري …

اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين مير محمد صادق سنجراڻي ۽ ايم اين اي مولانا عبدالغفوري حيدري سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ سندن خاندانن سان  ٿيل سانحن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق سيدال خان تعزيت لاءِ محمد صادق سنجراڻي جي گهر پهتو جتي هن سندس والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، وقتي چيئرمين صادق سنجراڻي سان ڏک جي گهڙي ۾ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. بعد ۾ سيدال خان پارليامينٽ لاجز ويو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات ڪئي جتي هن سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي مرحومه جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مزید خبریں