قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران لڪي مروت ۽ بنون ۾ 31 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق لڪي مروت ۽ بنون ۾ 31 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون جرائتمنداڻيون ڪارروايون تعريف جوڳيون آهن. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قوم متحد آهي، سيڪيورٽي فورسز، دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪندڙن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق لڪي مروت ۽ بنون ۾ 31 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون جرائتمنداڻيون ڪارروايون تعريف جوڳيون آهن. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قوم متحد آهي، سيڪيورٽي فورسز، دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪندڙن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِپُرعزم آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قرباني پاڪستان جي امن جي ضمانت آهي، بهادر فوج مادرِ وطن جي سلامتي جي محافظ آهي. پارليامينٽ ۽ قوم دهشتگرديءَ خلاف فورسز سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستاني عوام پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر ڪري ٿو، دهشتگرديءَ جي ناسُور کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں