وزيراعظم پاران اسرائيلي جارحيت جي خلاف قطر سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار، انسانيت جي خلاف جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش

دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيلي جارحيت جي خلاف قطر سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ۽ انسانيت جي خلاف جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته عزه ۾ انسانيت آخري پساهه کڻي رهي آهي، فوري جنگبندي سان گڏوگڏ  انساني …

دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيلي جارحيت جي خلاف قطر سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ۽ انسانيت جي خلاف جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته عزه ۾ انسانيت آخري پساهه کڻي رهي آهي، فوري جنگبندي سان گڏوگڏ  انساني همدرديءَ جي بنياد تي باضمانت ۽ محفوظ زندگي جي ضرورتن جي فراهمي، امدادي ڪارڪنن، ميڊيڪل ٽيمن ۽ صحافين ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي پهچ ڏيڻ گهرجي، گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪريون ٿا، اسان کي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار ٻه رياستي حل جي ضرورت آهي جنهن تحت آزاد فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، اسان گڏيل ڏاهپ سان قدم نه کنيا ته تاريخ معاف نه ڪندي. هو دوحا ۾ منعقد هنگامي عرب اسلامي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ عرب اسلامي ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان هڪ ٻئي افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ گڏ ٿيا آهيون، ڀائر اسلامي ملڪ قطر کي هڪ اهڙي جارح ملڪ نشانو بڻايو آهي جيڪو نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ عالمي قانون پائمال ڪري ٿو، پاڪستان 9 سيپٽمبر تي دوحا تي اسرائيل جي بي رحماڻي ۽ اشتعال انگيز حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ هو، اسرائيلي جارحيت قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي کليل خلاف ورزي آهي، پاڪستان قطر جي ڀينرن ۽ ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو قطر تي حملو جارحاڻي قدمن جو تسلسل آهي، جنگ جي ڏينهن ۾ به ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ انهن کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ڇو ته اهي امن جي اميد هوندا آهن، اهڙي اميد جيڪا ڳالهه ٻولهه کي زندهه رکي ٿي ته جيئن امن طرف اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته قطر جي خلاف ان جارحيت کانپوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسرائيل ڳالهه ٻولهه جو ڍونگ ڇو رچايو، ڇا يرغمالين جي واپسي هڪ اهڙي ملڪ جي ترجيح آهي جيڪو انساني زندگين جو احترام نه ٿو ڪري، اسرائيل پاران عالمي قانونن جون ڌڄيون اڏائڻ مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي قيادت ۾ قطر جي پرخلوص ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قطر چئلينجن جي باوجود علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ سدائين ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ انسانيت آخري پساهه کڻي رهي آهي، بيگناهه عورتن ۽ ٻارن جون آهُون ۽ سِسِڪيون هر طرف ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي پاليسي غزهه کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، دنيا کي اسرائيلي ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، غزه ۾ ناانصافي پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، ان کي فوري روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان صورتحال ۾ فوري ضروري قدم کڻڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو، انسانيت جي خلاف جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، هڪ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وڃي جيڪا اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي، اسان گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي او آءِ سي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ميمبر ملڪن کي اسرائيل جي خلاف ٻيا مناسب قدم کڻڻ تي سرگرمي سان غور ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي گڏيل قومن جي چارٽر جي چيپٽر 7 تحت اسرائيل کان فوري مستقل جنگبندي، يرغمالين جي آزادي ۽ فلسطيني قيدين جي مٽاسٽا جو مطالبو ڪرڻ گهرجي، باضمانت، محفوظ ۽ مستقل انساني همدرديءَ جي بنيادن تي زندگي جي ضرورتن جي فراهمي، امدادي ڪارڪنن، ميڊيڪل ٽيمن ۽ صحافين ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي پهچ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته سڀ کان وڌيڪ اسان کي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار ٻه رياستي حل جي ضرورت آهي جنهن تحت 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تاريخي اجلاس جي ذريعي گڏجي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، اسان گڏيل ڏاهپ سان قدم نه کنيا ته تاريخ معاف نه ڪندي. ان کان اڳ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سربراهه اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هو اجلاس ۾ شريڪ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن کي دوحا اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو. هن چيو ته اسرائيل جي هٿان فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ٿي رهي آهي، اسرائيل انسانيت جي خلاف ڏوهن ۾ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن اسرائيل جي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو ته قطر ثالث جي طور تي خطي ۾ امن جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون، اسرائيل ڳالهه ٻولهه واري عمل کي سبوتاز ڪندي فلسطيني تحريڪ جي ميمبرن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته يرغمالين جي پرامن آزادي جون سموريون اسرائيلي دعوائون ڪوڙ آهن، گريٽر اسرائيل جي ايجنڊا عالمي امن جي لاءِ شديد خطرو آهي. هن اسرائيل پاران خطي جي ملڪن جي خودمختياري جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي چيو ته صيهوني حڪومت انسانيت جي خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي، اسرائيل پاران عالمي قانونن جي سنگين پائمالي فڪر جو لمحو آهي، وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ فلسطين مسئلو حل ڪرڻو پوندو، اسرائيل جي جارحاڻي ۽ توسيع پسنداڻي پاليسين سان امن کي خطرو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اجلاس ۾ صورتحال تي ٺوس فيصلا ڪيا ويندا. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ هنگامي سربراهه اجلاس گهرائڻ جي قطر جي فيصلي کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، اسرائيل پاران خطي جي ملڪن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. هن قطر تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل لازمي آهي. هن عزه ۾ امداد جي بنا رڪاوٽ ۽ فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسرائيل پاران بک جو بطور هٿيار استعمال انتهائي ڪڌي حرڪت آهي. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابولغيظ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اهڙي وقت ۾ گڏ ٿيا آهيون جڏهن خطي کي وڏا چئلينجز درپيش آهن، اسرائيلي دهشتگردي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، غزه ۾ انساني نسل ڪشيءَ جاري آهي جنهن جي خلاف آواز اٿارڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، اسرائيلي قيادت انصاف جي عالمي عدالت ۾ گهربل آهي، عالمي برادري کي اسرائيل جي جوابدهي ڪرڻي پوندي. عراق جي وزيراعظم محمد شيعه السوداني اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو ته ان حملي خطي جي مسئلن کي سنگين ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيل پاران عالمي قانونن جي خلاف ورزي تي عالمي برادري جي خاموشي معنيٰ خيز آهي، قطر تي حملي کانپوءِ رڳو زباني مذمت سان ڪم نه هلندو، عملي قدم کڻڻا پوندا، عالمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، فلسطينين کي انهن جو جائز ۽ قانوني حق ڏيڻو پوندو. اردن جي شاهه عبدالله ٻه قطر جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي حملي خطي جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي پڻ قطر جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي حملي کي گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ۽ عرب ۽ مسلمان ملڪن جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ حملي کي بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته اسرائيل ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي. هن چيو ته ان حملي سان غزه ۾ سيز فائر جو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي، اسرائيل جي جارحاڻي قدمن تي خاموش نه ٿو رهي سگهجي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عرب ۽ مسلمان ملڪن قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، غزه ۾ انساني نسل ڪشيءَ جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، اسرائيل جا توسيع پسنداڻا اراد وچ اوڀر ۽ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن. هن اسرائيل تي سخت پابنديون هڻڻ جي تجويز ڏيندي مسلمان ملڪن ۾ اتحاد تي زور ڏنو. فلسطين جي صدر محمود عباس اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشيءَ روڪڻ ۽ فوري امداد جي فراهمي لازمي آهي، 1967ع جي سرحدن موجب فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ئي امن جو رستو آهي. هن چيو ته اسرائيل جا جنگي ڏوهه سموريون حدون پار ڪري چڪا آهن، اسرائيلي جارحيت روڪڻ جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان خطاب ڪندي چيو ته تشدد مسئلن جو حل نه آهي، ڳالهه ٻولهه سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو. هن چيو ته غزه ۾ ٻن سالن کان جاري ڏاڍ عالمي برادري جي ضمير تي سواليه نشان آهي. مالديپ جي صدر محمد معيزو چيو ته دوحا تي حملو قطر جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي، امن جي لاءِ قطر سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو. موريطانيه جي صدر محمد اولد شيخ غزنوي چيو ته قطر جي امير پاران اجلاس گهرائڻ تي ٿورائتا آهيون، قطر تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، اسرائيل جي غيرقانوني قدمن سان امن کي خطرو آهي. صوماليه جي صدر حسن شيخ محمود چيو ته اسرائيل قطر جي خلاف جارحيت ڪري عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي آهي، اسرائيلي جارحيت هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ شديد خطرو آهي، غزه ۾ فوري غيرمشروط جنگبندي ضروري آهي. ڪوموروس جي صدر چيو ته قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. شام جي صدر احمد الشرح چيو ته قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي آهي. ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد چيو ته اسرائيلي جارحيت جي خلاف اسان قطر سان گڏ آهيون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اسرائيل حملو ڪري قطر جي خودمختياري جي سنگين خلاف ورزي ڪئي آهي. سربراهه اجلاس کي ٻين عرب اسلامي ملڪن جي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.






مزید خبریں