دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوحا ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات

مزید خبریں
دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هئا. عرب اسلامي سربراهي اجلاس قطر تي اسرائيلي حملي جي ڏس ۾ طلب ڪيو ويو. انتهائي شاندار ۽ دوستاڻي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم اسرائيلي قدمن جي سخت مذمت ڪندي ان کي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ جي هڪ ڄاڻي واڻي ڪوشش قرار ڏنو. وزيراعظم ان نازڪ گهڙيءَ ۾ مسلمان امت کي متحد ڪرڻ تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ بصيرت افوز قيادت کي ساراهيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم سعودي ولي عهد کي پاڪستان پاران خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀرپور سفارتي حمايت جو يقين ڏياريو جنهن ۾ پاڪستان هن وقت غيرمستقل ميمبر آهي، ان کانسواءِ او آءِ سي سميت سمورن ٻين سفارتي گهڻ رخي فورمز تي پڻ پاڪستان پاران ڀرپور سفارتي حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته دوحا ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جو انعقاد ان ڳالهه جو واضح پيغام آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان اسرائيل جي غيرقانوني ۽ بي رحماڻي جارحيت، جيڪا علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي جي خلاف هڪ آواز آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سعودي عرب پاران پاڪستان سان هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڀرپور حمايت تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته هو وزيراعظم جي هلندڙ هفتي جي آخر ۾ رياض جي سرڪاري دوري جو منتظر آهي جنهن سان ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي جامع ڳالهه ٻولهه جو اهم موقعو ملندو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ان نازڪ وقت ۾ قطر سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي فورم تي پاڪستان جي ڀرپور سفارتي ڪوششن ۽ وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيو.










