پاڪستان ۾ پولينڊ جي سيڙپڪاري تعريف جوڳي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ پولينڊ جي سيڙپڪاري تعريف جوڳي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جي تفصيلن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي ته جيئن ترقياتي ۽ ٻه طرفن ڀائيوارن کي آگاهه ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماسيج پسارسڪي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ پولينڊ جي سيڙپڪاري تعريف جوڳي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جي تفصيلن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي ته جيئن ترقياتي ۽ ٻه طرفن ڀائيوارن کي آگاهه ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماسيج پسارسڪي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سهڪار ۽ مٽاسٽا جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو. پولينڊ جي سفير تازي سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ سان جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۽ اقتصادي بحالي تي ناڻي واري وزير کي مبارڪون ڏنيون. هن ناڻي واري وزير کي ٻُڌايو ته ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پولينڊ جي حڪومت جلد هڪ اعليٰ سطح جو وفد پاڪستان اُماڻيندو جنهن جي قيادت سينيئر سياسي قيادت ڪندي. سفير چيو ته پولينڊ پاڪستان سان ٻه طرفه ناتا وڌائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت ٻه طرفو واپار هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي جنهن جو توازن پاڪستان جي حق ۾ آهي، جڏهن ته ان کي وڌيڪ سگهه ڏئي متوازن بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پولينڊ پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ ان سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ لاءِ مقامي طور تي حاصل ٿيل آمدني ۽ وسيلن کي ٻيهر لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي. سفير پاڪستان جي لاڳاپيل وزارتن سان ويجهي سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته نون امڪاني شعبن جي نشاندهي ۽ گڏيل سهڪار لاءِ فني معاونت فراهم ڪري سگهجي ٿي جن ۾ عوامي ماليات، ريگيوليشنز، ٻه طرفي مٽاسٽا، تربيتي پروگرامز، تجربن ۾ ڀائيواري ۽ علم جي منتقلي شامل آهي. ناڻي واري وزير، سفير کي ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته مان ڪالهه متاثر علائقن جو دؤرو ڪيو ۽ رليف ڪيمپن ۾ راشن، خوراڪ ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ پولينڊ جي سيڙپڪاريءَ کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ پولينڊ طرفان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جي خواهش جي آجيان ڪئي. هن علم ۽ تجربن جي منتقلي، ڄاڻ جي مٽاسٽا، فني معاونت ۽ عوامي ماليات، ٽيڪس پاليسي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جهڙن اسٽريٽجڪ شعبن ۾ ڀائيواريءَ تي ٻَڌل گيس ۽ تيل، معدنيات ۽ کاڻين جي ترقي ۽ ٻين قدمن ۾ سهڪار جي آجيان ڪئي. ڌُرين پاڪستان ۽ پولينڊ جي سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ـ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻَڌل ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں