واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي وزير فرزانه صادق پاران پاڪ ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22هين اجلاس جو افتتاح

تهران -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي شاهراهن ۽ شهري ترقي بابت وزير فرزانه صادق تهران ۾ پاڪ ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22هين اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪيو. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري اسان جي واپاري پاليسي جو …

تهران -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي شاهراهن ۽ شهري ترقي بابت وزير فرزانه صادق تهران ۾ پاڪ ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22هين اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪيو. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري اسان جي واپاري پاليسي جو بنيادي جز آهي. هن چيو ته نجي شعبي ۽ چيمبرز آف ڪامرس واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. حڪومت ايران سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته خدمتن، زراعت، لائيو اسٽاڪ، سائنسي تحقيق ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن شعبن ۾ سهڪار پوري خطي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته رستن، ريل، سامونڊي ۽ فضائي رابطن ذريعي خطي ۾ معاشي سرگرمين ۽ روزگار  جا موقعا وڌندا ۽ اهي منصوبا وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر لاءِ گيٽ وي ثابت ٿيندو. ايران جي وزير فرزانه صادق چيو ته ان سيشنز جي نتيجن مستقبل لاءِ واضح روڊ ميپ ڏينداسين ۽ فالو اپ قدمن  سان عملي نتيجا حاصل ٿيندا.  هن ڪاروبار ۾ آساني، ويزه سهولت، بارڊر مارڪيٽن ۽ بينڪنگ جي شعبي ۾  قدمن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٻنهي وزيرن اجلاس جي صدارت ڪندي  چيو ته موجوده حالاتن ۾ پاڻي جي انتظام، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.

مزید خبریں