بلاول ڀٽو زرداري جي چين جي 120 ساله قديمي فودان يونيورسٽي آمد، يونيورسٽي جي نائب صدر سان ملاقات

شنگهائي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي 120 ساله قديمي فودان يونيورسٽيءَ جو دؤرو ڪيو، جتي هن يونيورسٽيءَ جي نائب صدر ڊاڪٽر چن زهيمن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ فودان يونيورسٽي جي نائب صدر وچ ۾ عالمي ناتن سميت ٻين موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پ پ جي چيئرمين يونيورسٽي جي …

شنگهائي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي 120 ساله قديمي فودان يونيورسٽيءَ جو دؤرو ڪيو، جتي هن يونيورسٽيءَ جي نائب صدر ڊاڪٽر چن زهيمن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ فودان يونيورسٽي جي نائب صدر وچ ۾ عالمي ناتن سميت ٻين موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پ پ جي چيئرمين يونيورسٽي جي شاگردن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري فودان يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان پاڪ- چين دوستي جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي موضوع تي خطاب ڪيو. خطاب کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اسٽڊيز جي اسسٽنٽ ڊين پروفيسر سن ڊي گانگ، بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي عالمي لاڳاپن بابت سوالن جا جواب به ڏنا.

مزید خبریں