اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته جمهوريت عوام جو آواز ۽ قوم جي طاقت آهي، هي نظام انصاف، برابري، آزادي ۽ وقار جو وعدو آهي. جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جمهوريت عوام جو آواز ۽ قوم جي طاقت آهي، جمهوريت قومي سُڃاڻپ جي روح ۽ ترقيءَ جي احساس آهي، جمهوريت عوام ۽ …
جمهوريت عوام جو آواز ۽ قوم جي طاقت آهي، هي نظام انصاف، برابري، آزادي ۽ وقار جو وعدو آهي: شازيه مري

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته جمهوريت عوام جو آواز ۽ قوم جي طاقت آهي، هي نظام انصاف، برابري، آزادي ۽ وقار جو وعدو آهي. جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جمهوريت عوام جو آواز ۽ قوم جي طاقت آهي، جمهوريت قومي سُڃاڻپ جي روح ۽ ترقيءَ جي احساس آهي، جمهوريت عوام ۽ نمائندن وچ ۾ هڪ عهد آهي، هي نظام انصاف، برابري، آزادي ۽ وقار جو وعدو آهي. شازيه مري چيو ته پاڪستان جو جمهوري سفر شهيدن جي قربانين تي ٻَڌل آهي، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوامي حقِ حاڪميت خاطر جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ 18هين آئيني ترميم منظور ٿي، 18هين ترميم جمهوريت جي فتح ۽ پالريامينٽ جي مضبوطي آهي. هن چيو ته جمهوريت جو تحفظ هر شهري ۽ اداري جو مقدس فرض آهي، پ پ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پُختي عزم سان موجود آهي، اسان جي جمهوري هيروز جون قربانيون ڪڏهن وِساري نٿيون سگهجن، پاڪستان جي اصل طاقت جو سرچشمو سندس عوام آهي.











