موسميات کاتي پاران هلندڙ هفتي ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق عربي سمنڊ کان وچولي شدت واري گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. هڪ اولهندي هوائن جو سلسلو 15 سيپٽمبر (شام/رات) کان ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان …

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق عربي سمنڊ کان وچولي شدت واري گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. هڪ اولهندي هوائن جو سلسلو 15 سيپٽمبر (شام/رات) کان ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 19 سيپٽمبر تائين برقرار رهي سگهي ٿو، ان جي اثر هيٺ خيبر پختونخوا ۾ 16 کان 19 سيپٽمبر دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، ملاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، هنگو، ڪرڪ ۽ وزيرستان ۾ تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ 15(شام/رات) کان 19 سيپٽمبر دوران ڪشمير(نيلم وادي، مظفر آباد، راولاڪوٽ، پونچ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور) ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. 16 ۽ 18 سيپٽمبر دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. 16 کان 19 سيپٽمبر دوران گلگت بلتستان(ديامير، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شگر) ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. پنجاب، اسلام آباد ۾ 16 کان 19 سيپٽمبر دوران اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال ۽ جهلم ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 18 ۽ 19 سيپٽمبر دوران منڊي بهاالدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزير آباد، لاهور، قصور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ فيصل آباد ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. سنڌ صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان اهي جڏهن ته ساحلي علائقن ۾ جزوي جهڙالي رهندي. بلوچستان  صوبي جي اڪثر علائقن ۾ جزوي جهڙالي ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي آنڌاري، جهڪ هلڻ، ڳڙو پوڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جي معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي. شديد برساتن سبب خيبر پختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ ٿيڻ جو خدشو آهي. 18 کان 19 سيپٽمبر تي تيز برسات سبب دير، سوات، شانگله، بونير، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، چارسده، نوشهره، صوابي، مردان، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪشمير جي مقامي ۽ برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. مسافرن ۽ سياح  سفر دوران محتاط رهڻ ۽ موسمي حالتن مطابق پنهنجي سفر جو انتظام ڪن. سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں