وفاقي گهرو وزير ۽ ريلوي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اهم اجلاس

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي)جاڙن شهرن وچ ۾ عوام کي جديد ۽ تيز رفتار سفري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ ريل سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد کان راولپنڊي صدر اسٽيشن تائين ڪئي ويندي. ان منصوبي تحت شهري صرف 20 منٽن ۾ ٻنهي شهرن وچ ۾ سفر ڪري سگهندا. جنهن سان وقت ۽ …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي)جاڙن شهرن وچ ۾ عوام کي جديد ۽ تيز رفتار سفري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ ريل سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد کان راولپنڊي صدر اسٽيشن تائين ڪئي ويندي. ان منصوبي تحت شهري صرف 20 منٽن ۾ ٻنهي شهرن وچ ۾ سفر ڪري سگهندا. جنهن سان وقت ۽ ٻارڻ ۾ نمايان بچت ٿيندي ۽ شاهراهن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ  ۾  به گهٽتائي ايندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت ۾ اهم اجلاس ۾ منصوبي تي فوري اڳڀرائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ريل سروس جي شروعات مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد کان راولپنڊي صدر اسٽيشن تائين ڪئي ويندي. منصوبي جي فريم ورڪ ايگريمينٽ کي ايندڙ هفتي قطئي صورت ڏئي ان تي صحيحي ڪئي ويندي. فيصلي موجب منصوبي لاءِ ٽريڪ پاڪستان ريلوي فراهم ڪندي جڏهن ته ريل سروس جو انتظام ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) وٽ هوندو. اجلاس ۾ ريل سروس لاءِ جديد ٽرين امپورٽ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو ته هي منصوبو جاڙن شهرن جي عوام لاءِ انقلابي سهولت هوندو، جنهن ذريعي شهري تيز، محفوظ ۽ گهٽ وقت ۾ سفر ڪري سگهندا. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هي منصوبو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عوامي رليف جي ويزن جو عڪاس آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان هزارين شهرين کي معياري ۽ سستي سفري سهولت ميسر هوندي.  مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته ٽرين سروس شهرين لاءِ گهٽ خرچ ۽ تيز رفتار سفري سهولت هوندي ۽ ان سان رستن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ به گهٽجندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، ريلوي واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، ڪمشنر راولپنڊي، ڪمانڊنٽ ۽ ڊپٽي ڪمانڊنٽ ايف سي، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين  به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں