دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 54 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 54 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 39 هزار …

اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 54 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 54 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 39 هزار ڪيوسڪ ۽ 1 لک 39 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار 400 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 57 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 لک 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 لک 6 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 38 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 85 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 78 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 67 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1237.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.893 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

مزید خبریں