وزيراعظم هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحا روانو

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحا روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. اهو سربراهي اجلاس دوحا تي اسرائيل جي فضائي حملن ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحا روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. اهو سربراهي اجلاس دوحا تي اسرائيل جي فضائي حملن ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالي جي مسلسل خراب ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ گهرايو ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي وزيراعظم جي اعليٰ سطحي وفد ۾ شامل آهن. اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن جي شرڪت متوقع آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ قطر ۽ ٻين علائقائي رياستن جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو. قطر سان يڪجهتي جي اظهار ۽ علائقائي اتحاد جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 سيپٽمبر 2025ع تي دوحا جو دورو ڪيو هو ۽ قطر جي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ان جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قطري قيادت سان ملاقات ڪئي هئي. دوحا ۾ اڄ منعقد ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي سربراهن جي شرڪت مسلمان امت ۾ مضبوط اتحاد ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي اڻٿڪ عزم جو مظهر آهي. 
مزید خبریں