واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ايران جي وزير سيد محمد اتابڪ سان ملاقات

تهران -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايران جي صنعت، واپار ۽ کاڻين واري وزير سيد محمد اتابڪ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب هن ملاقات دوران ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، جنهن تي وفاقي وزير سندس شڪريو ادا ڪيو. ڄام ڪمال خان چيو ته ايراني صدر پاران پاڪستان جي دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن …

تهران -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايران جي صنعت، واپار ۽ کاڻين واري وزير سيد محمد اتابڪ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب هن ملاقات دوران ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، جنهن تي وفاقي وزير سندس شڪريو ادا ڪيو. ڄام ڪمال خان چيو ته ايراني صدر پاران پاڪستان جي دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۾ بهتري آئي آهي، اسان جو 10 ارب ڊالرز جو واپاري هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. ايران جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايران جي حڪومت جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. ٻنهي ملڪن جي عهديدارن جا دورا واپاري هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ترقي پسندي واري سوچ کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ٿيندڙ اجلاس ۾ واپاري سرگرمين کي آسان بڻائڻ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ طريقيڪار جوڙيو ويندو. هن چيو ته اسان جا واپاري انگ اکر 3 ارب ڊالرز تائين پهچي چڪا آهن ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن بارڊر ٽريڊ جي ضرورت تي زور ڀريو. ملاقات دوران آزاد واپاري معاهد تي صحيحيون، سرحدي مارڪيٽن کي فعال ۽ واپار کي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي سان حصيداري ڪيل شين جي لسٽ کي قطعي شڪل ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڄام ڪمال خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ويجهڙائي وارن مهينن ۾ ايران کي پاڪستاني چانور ۽ گوشت جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو.

مزید خبریں