ڪميٽين مان استعيفيٰ ڏيندڙ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي استعيفائن کي قبول يا رد ڪرڻ جي حوالي سان هن وقت تائين ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي: قومي اسيمبلي جو ترجمان

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪميٽين مان استعفيٰ ڏيندڙ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي استعيفائن کي قبول يا رد ڪرڻ جو هن وقت تائين ڪو فيصلو نه ڪيو آهي جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اهم بزنس ڪنوينر مقرر ڪرڻ کي اڪلائي سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت ايوان ۾ ڪيترين ئي اسٽينڊنگ ڪميٽين …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪميٽين مان استعفيٰ ڏيندڙ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي استعيفائن کي قبول يا رد ڪرڻ جو هن وقت تائين ڪو فيصلو نه ڪيو آهي جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اهم بزنس ڪنوينر مقرر ڪرڻ کي اڪلائي سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت ايوان ۾ ڪيترين ئي اسٽينڊنگ ڪميٽين مان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميمبر استعفيٰ ڏئي چڪا آهن جن جي ڪري ڪميٽين جا اجلاس دير جو شڪار آهن ۽ ڪميٽين جو ڪم رڪجي ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪميٽين مان استعفيٰ ڏيندڙ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي استعيفائن کي قبول يا رد ڪرڻ جو هن وقت تائين ڪو فيصلو نه ڪيو آهي جڏهن ته ڪميٽين جي چيئرمين شپ پي ٽي آءِ وٽ هئي جيڪڏهن انهن ڪميٽين جو ڪو اهم بزنس آهي ته اهي ڪميٽيون اجلاس ريڪيوزيشن ڪري پنهنجو ڪنوينر پاڻ مقرر ڪري ڪارروائي هلائي سگهن ٿيون جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان هن وقت تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي.

مزید خبریں