ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد نون سياحتي ماڳن جي ڳولا ۽ قديمي آثارن کي محفوظ بڻائڻ سميت ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪرڻ، سياحن جي تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ نون سياحتي ماڳن تائين رسائي سميت ٻين لاڳاپيل …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد نون سياحتي ماڳن جي ڳولا ۽ قديمي آثارن کي محفوظ بڻائڻ سميت ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪرڻ، سياحن جي تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ نون سياحتي ماڳن تائين رسائي سميت ٻين لاڳاپيل معاملن کي هٿي وٺائڻ آهي. سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي سياحت وارن ادارن سميت مختلف سرڪاري ۽ خانگي تنظيمن جي شراڪت سان ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيمينار، ڪانفرنس ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون جڏهن ته ان موقعي تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مضمون شايع ۽ نشر ڪيا ويندا.

مزید خبریں