اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واپار بابت تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن (ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن) کي فعال ڪيو ويو آهي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي وسيع سوچ مطابق پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن کي فعال ڪيوويو آهي. واپار واري وزير جي قيادت ۾ ڪميشن پنهنجي ڪم جي عملي شروعات ڪري ڇڏي آهي. واپار …
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن فعال

مزید خبریں
اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واپار بابت تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن (ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن) کي فعال ڪيو ويو آهي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي وسيع سوچ مطابق پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن کي فعال ڪيوويو آهي. واپار واري وزير جي قيادت ۾ ڪميشن پنهنجي ڪم جي عملي شروعات ڪري ڇڏي آهي. واپار واري وزارت موجب وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر راڻا احسان افضل ان حوالي سان چيو آهي، ته ڪميشن جي قيام ۽ فعال هئڻ جو ڪريڊٽ ڄام ڪمال خان جي ويزنري قيادت ڏانهن وڃي ٿو. واپار واري وزير جي هدايت تي فوري طور تي آفيس، بجيٽ ۽ آن لائين شڪايتي پورٽل جو قيام ۽ ڪميشن جو فعال هئڻ حڪومتي عزم ۽ سڌارن جو مظهر آهي. رفعت انعام بٽ چيو ته ڪميشن سروس و فنانشل رولز جلد مڪمل ڪندي. ان حوالي سان عمر داد آفريدي چيو ته ڪميشن واپاري تڪرارن جي حل جو نئون شفاف بابت کوليندي. واضح رهي ته واپار واري وزارت ڪاروباري طبقي لاءِ تاريخي سنگ ميل پار ڪندي پاڪستان جي پهرين واپاري تڪراري حل ڪميشن کي فعال ڪريو آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ شفاف ۽ تيز تڪراري حل جو نظام ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميشن بزنس ڪميونٽي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.











