قوم دهشتگردي ۽ پرڏيهي پراڪيسز خلاف متحد آهي: وزيراعظم شهباز شريف

بنون-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هن ڳالهه کي ورجايو ته پوري قوم پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج سان دهشتگردي ۽ پرڏيهي پراڪسيز خاص ڪري ڀارت جي پٺڀرائي سان خيبرپختونخوا ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث ڌرين خلاف متحد آهي. اهڙو اظهار بنون جي دوري جي موقعي تي سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير …

بنون-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هن ڳالهه کي ورجايو ته پوري قوم پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج سان دهشتگردي ۽ پرڏيهي پراڪسيز خاص ڪري ڀارت جي پٺڀرائي سان خيبرپختونخوا ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث ڌرين خلاف متحد آهي. اهڙو اظهار بنون جي دوري جي موقعي تي سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور سان گڏ زخمي فوجي جوانن جي حوصلي، بلند عزم ۽ قومي خدمت جي جذبي کي ساراهيو ۽ انهن جي بي لوث خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم شبهاز شريف شهيد فوجي جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ کين ”قوم جا حقيقي هيروز“ قرار ڏيندي وچن ڪيو ته سندن قربانيون رائيگان نه وينديون. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سميت افغانستان سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جڏهن ته هن نگران افغان حڪومت تي زور ڀريو ته هو واضح فيصلو ڪري ته ڇا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا قائم رکڻا آهن يا فتنه الخوارج جو ساٿ ڏيڻو آهي. هن چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ فتنه الخوارج معصوم شهرين ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز  تي حملن جا ذميوار آهن. اهڙن دشمن ڌرين کي پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي ترقي ۽ خوشحالي جو سڌو سنئون لاڳاپو امن ۽ استحڪام سان آهي. هن ورجايو ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو ۽ انهن جو مشن جاري رهندو. هن اهو به اعلان ڪيو ته دهشتگردي جي ازالي لاءِ وفاقي ڪابينا جو هڪ اهم اجلاس جلد طلب ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن پنهنجو تباهه ڪن نظريو اسان تي مڙهي نٿا سگهن، اسان کين پوري طاقت سان گڏجي شڪست ڏينداسين. ان کان اڳ سي ايم ايڇ بنون پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور وزيراعظم جو آڌرڀاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خطي جي سيڪيورٽي منظرنامي، خاص ڪري فتنه الخوارج ۽ ڀارتي پٺڀرائي ۾ ڪم ڪندڙ پراڪسيز ۽ اولهه جي سرحد جي ٻي پاسي کان سرگرم انهن جي سهولتڪارن سبب موجود خطرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته اهڙين دشمن ڌرين کي وڌيڪ اسان جي معصوم شهرين ۽ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں