وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ صارفين کان آگسٽ مهيني جا بجلي بل وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور-13 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ صارفين کان آگسٽ جا بجلي جا بل وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪتب آڻي رهيا آهن، جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن …

لاهور-13 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ صارفين کان آگسٽ جا بجلي جا بل وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪتب آڻي رهيا آهن، جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن ڏانهن واپس نٿا وڃن تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن ٻوڏ متاثر صارفين کان آگسٽ 2025ع جي بجلي جا بل وصول ٿي چڪا آهن اهي ايندڙ مهيني ايڊجسٽ ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ متاثر علائقن لاءِ بجي جي بلن جي حوالي سان تفصيلي پيڪيج جو حتمي اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. هن ڏکي گهڙي ۾ عوام جي ڏکن تي مرهم رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن ڏانهن واپس نٿا وڃن اسان سک نه ويهنداسين.

مزید خبریں