وزيراعظم پاران لوئر دير ۾ فتنه الهندستان جي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آَفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر دير جي علائقي لال قلعه ميدان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين …

اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آَفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر دير جي علائقي لال قلعه ميدان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش. وزيراعظم آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم آپريشن ۾ دهشتگردن جو بهادر سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 7 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز  شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں