راولپنڊي-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي خيبرپختونخوا جي علائقي لوئر دير ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز لوئر دير جي علائقي لعل قلعه ميدان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي …
سيڪيورٽي فورسز پاران لوئر دير ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن، ڀارتي حمايت يافته 10 دهشتگرد جهنم ڀيڙا، 7جوان شهيد

مزید خبریں
راولپنڊي-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي خيبرپختونخوا جي علائقي لوئر دير ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز لوئر دير جي علائقي لعل قلعه ميدان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سيڪيورٽي فورسز جا 7 بهادر پٽ نائيڪ عبدالجليل (عمر 39 سال اتر وزيرستان جو رهاڪو) نائيڪ گل جان (عمر 38 سال لڪي مروت ضلعي جو رهاڪو) لائنس نائيڪ عظمت الله (عمر 28 سال ضلعو لڪي مروت) سپاهي عبدالمالڪ (عمر 28 سال، ضلعو خيبر) سپاهي محمد امجد (عمر 27 سال ضلعو مالاڪنڊ) سپاهي محمد دائود (عمر 23 سال، ضلعو صوابي) ۽ سپاهي فضل قيوم (عمر 21 سال ضلعو ڊيره اسماعيل خان ) شهادت ماڻي،انهن جوانن معصوم شهرين جون جانيون بچائيندي قرباني ڏني، جن کي ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن يرغمال بڻائي رکيو هو. آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته انهن دهشتگرد ڪاررواين ۾ افغان شهري به ملوث آهن. پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان توقع رکي ٿو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي. علائقي ۾ ڪنهن ٻي دهشتگرد کي مارڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس (سينيٽائيزيشن) آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مڪمل طور ختم ڪري ساهه پٽندا ۽ ان بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.











