صدر پاران باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ انهن جي سرپرستن کي شڪست ڏني ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري بهادر سپاهين جي قرباني تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ انهن جي سرپرستن کي شڪست ڏني ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري بهادر سپاهين جي قرباني تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته شهيدن جو رت دهشتگردي جي خاتمي جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. هندستان جي حمايت يافته فتنه الخوارج جي مذمت ڪندي صدر چيو ته دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال تي سخت خدشا آهن، افغان عبوري حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي تشدد سان جهڪائي نٿو سگهجي، فتنه الخوارج ۽ انهن جي سرپرستن کي شڪست ڏني ويندي.

مزید خبریں