ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ تهذيبن کي جوڙڻ ۾ فن ۽ ثقافت جي طاقت وڏي  اهميت رکي ٿي: صدر آصف علي زرداري

چينگڊو-13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چينگڊو ۾ ٻي گولڊن پانڊا ايوارڊز انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ تهذيبن کي جوڙڻ ۾ فن ۽ ثقافت جي طاقت جي وڏي اهميت آهي، فورم ۾ چين جي سينئر اڳواڻن، ثقافتي نمائندن، فنڪارن ۽ عالمي نمائندن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ايوارڊ کٽندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن …

چينگڊو-13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چينگڊو ۾ ٻي گولڊن پانڊا ايوارڊز انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ تهذيبن کي جوڙڻ ۾ فن ۽ ثقافت جي طاقت جي وڏي اهميت آهي، فورم ۾ چين جي سينئر اڳواڻن، ثقافتي نمائندن، فنڪارن ۽ عالمي نمائندن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ايوارڊ کٽندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته اهڙي طرح جون فنڪاراڻيون ڪوششون سرحدون پار ڪنديون آهن ۽ گڏيل انساني قدرن ذريعي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪنديون آهن. هن صوبي سيچوان جي حڪومت، چائنا فيڊريشن آف لٽريري اينڊ آرٽ سرڪلز ۽ فورم جي ميزباني ڪرڻ تي انتظام ڪندڙن جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي صدر سيچوان ۾ شاندار مهمان نوازي تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو ۽ سيڪريٽريٽ جي ميمبر ۽ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پبلسٽي ڊپارٽمينٽ جي وزير لي شولي جو به ٿورو مڃيو. هن ٻي گولڊ پانڊا ايوارڊز انٽرنيشنل ڪلچر فورم جي ڪامياب بندوبست تي انتظام ڪندڙن کي مبارڪون به ڏنيون. صدر مملڪت آصف علي زرداري تهذيب جي مٽاسٽا ۽گڏيل طور سکڻ واري چين جي ويزن لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي اجاگر ڪندي گلوبل ڊوپلمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ)، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو (جي ايس آءِ) ۽ گلوبل گورننس انيشيٽو (جي جي آءِ)  جي اهميت جو ذڪر ڪيو جن تي ڌيان پائيدار ترقي، علائقائي استحڪام ۽ وڌيڪ عالمي سهڪار  تي هو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي گڏيل احترام ۽ سهڪار تي بيٺل آهي، ٻئي ملڪ ايندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. هن ياد ڏياريو ته شراڪتداري نه رڳو اسٽريٽجڪ آهي پر ماڻهن وچ ۾ دوستي جي گهرن رشتن جو زنده  ثبوت به آهي. هن ثقافتي مٽاسٽا کي وسعت ڏيڻ، تخليقي صنعتن کي مضبوط بڻائڻ۽ افهام و تفهيم ۽ رواداري جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ چين ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ثقافت  امن، خوشحالي ۽ انسانيت جي گڏيل مستقبل لاءِ هڪ اهم پل آهي. صدر چيو ته دنيا ڊرامائي تبديلين مان گذري رهي آهي. هن صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي تعريف ڪندي چيو ته هن ٽڪراءَ بدران سهڪار ۽ فتح جي حل جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته هو ان ڳالهه مان بيحد متاثر ٿيو آهي ته اهي قدم ڪهڙي ريت انسانيت جي گڏيل قدرن جي خدمت ڪن ٿا.

مزید خبریں