نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدلطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دوحه تي بنا جواز اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب  نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدلطي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قطر جي گادي واري …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدلطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دوحه تي بنا جواز اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب  نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدلطي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قطر جي گادي واري هنڌ دوحه تي بنا جواز ۽ غيرقانوني اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي. هنن دوحه ۾ (اڄ) 14 سيپٽمبر تي ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي طريقيڪار ۽ تفصيلن بابت به ڳالهيون ڪيون.

مزید خبریں