سنڌ ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ وچولي درجي جي امڪاني ٻوڏ سبب صورتحال لاءِ پاڪ فوج جون تياريون مڪمل

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ وچولي درجي جي امڪاني ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال لاءِ پاڪ فوج تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ان حوالي سان پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه جي اعليٰ اختيارين پنهنجي پنهنجي ذميوارين جو جائزو ورتو. پاڪ فوج  امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان سول انتظاميه جي پوري مدد ڪري رهي آهي، ۽ مختلف هنڌن تي ٻوڏ جي …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ وچولي درجي جي امڪاني ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال لاءِ پاڪ فوج تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ان حوالي سان پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه جي اعليٰ اختيارين پنهنجي پنهنجي ذميوارين جو جائزو ورتو. پاڪ فوج  امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان سول انتظاميه جي پوري مدد ڪري رهي آهي، ۽ مختلف هنڌن تي ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ بند ٺاهڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ۾ دادو ۽ ڄامشورو ۾ امڪاني چاڙهه جي صورتحال جو به مڪمل جائزو ورتو ويو ۽ تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهڙي طرح سکر ۽ گڊو بئراج تي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته پاڪ فوج پاران لڳايل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ متاثر ماڻهن جو مفت علاج جاري آهي جيڪو امڪاني ٻوڏ دوران به جاري رهندو. متاثرن پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه جي امدادي قدمن تي کين خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں