حڪومت سست رفتار انٽرنيٽ ۽ درپيش رڪاوٽن جي بنا دير خاتمي لاءِ سرگرم آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت سست رفتار انٽرنيٽ سروس ۽ درپيش رڪاوٽن جي بنا دير خاتمي لاءِ پي ٽي سي ايل ۽ عالمي شراڪتدارن سان گڏ سرگرم آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي کي يقيني بڻايو ويندو. هڪ انٽرويو دوران هن قوم کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سڄي مڪ ۾ صارفين جي سهولت لاءِ …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت سست رفتار انٽرنيٽ سروس ۽ درپيش رڪاوٽن جي بنا دير خاتمي لاءِ پي ٽي سي ايل ۽ عالمي شراڪتدارن سان گڏ سرگرم آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي کي يقيني بڻايو ويندو. هڪ انٽرويو دوران هن قوم کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سڄي مڪ ۾ صارفين جي سهولت لاءِ انٽرنيٽ جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته حڪومت، پي ٽي سي ايل ۽ عالمي ٽيڪنالاجي پارٽنرز سان گڏجي سست رفتار انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل فون سروس ۾ رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ جلد کان جلد  مڪمل رابطا بحال ڪرڻ لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن وضاحت ڪئي ته فني ٽيمون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن رڪاوٽن جي سببن جي نشاندهي ۽ انهن جي اصلاح ڪري سگهجي. ان کان علاوه حڪومت متبادل حل ۽ بيڪ اپ سسٽم تي به ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ بندش کي روڪي ۽ سروس کي مجموعي اعتبار کان بهتر بڻائي سگهجي. هن شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو اعتراف ڪيو ۽ کين خاطري ڪرائي ته تيزي سان بحالي جون ڪوششون جاري آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ترجيح هر شهري کي فائيو جي انٽرنيٽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته عالمي ڊجيٽل تبديلي کي برقرار رکڻ لاءِ تيز رفتار رابطن کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ۽ ان سان معاشي ترقي ۽ جدت ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں