پاڪ فوج جي ڪارروائي، مستونگ ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ دهشتگرد فتنه الهندستان جي 4 سرگرم دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ۾ بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ دهشتگرد گروهه فتنه الهندستان جي 4 سرگرم دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 12 سيپٽمبر 2025ع تي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جتي ڀارتي پراڪسي گروهه فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو هو. فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن …

راولپنڊي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ۾ بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ دهشتگرد گروهه فتنه الهندستان جي 4 سرگرم دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 12 سيپٽمبر 2025ع تي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جتي ڀارتي پراڪسي گروهه فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو هو. فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز  ۾ نشانو بڻايو جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارت جا سهولت يافته 4 دهشتگرد مارجي ويا.ڪارروائي دوران هٿيار، بارود ۽ بارودي مواد هٿ آيو. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج عزم کي ورجايو ته ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ دهشتگرديءَ کي ناس ڪيو ويندو ۽ ملڪ دشمن ڌُرين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.