وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي امداد ۽ بحالي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زميني صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ۾ انساني جانين، روزگار، چوپائي مال ۽ زرعي …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي امداد ۽ بحالي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زميني صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ۾ انساني جانين، روزگار، چوپائي مال ۽ زرعي شعبي کي پهچندڙ نقصانن جي ڪاٿي بابت آگاهه ڪيو. فوري ۽ موثر امدادي ڪاررواين سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وقتي صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گذارش تي حڪومت ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ان مشڪل حالتن ۾ زرعي شعبي کي سهارو ڏئي سگهجي. هن زور ڏنو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي متاثر ماڻهن کي مالي امداد جي فراهمي کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ريليف انهن تائين پهچي سگهي جن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته انساني زندگين، روزگار، چوپائي مال ۽ زرعي زمين کي پهچندڙ نقصانن جو فوري جائزو وٺڻ ضروري آهي ته جيئن بحالي ۽ نئين سر تعمير جو عمل فوري طور تي شروع ٿي سگهي. وقتي صدر چيو ته هو جلد ئي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کان بريفنگ وٺندو ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو ذاتي طور تي دورو ڪندو ته جيئن شهرين جي ضرورتن جو جائزو وٺي سگهجي ۽ امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪري سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اها حوصلي جوڳي ڳالهه آهي ته پنجاب جي صوبائي حڪومت ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آفت جي شدت ۽ وسعت اهڙي آهي جو هڪ حڪومت اڪيلي سر ريليف ۽ بحالي جو ڪم نٿي سنڀالي سگهي. هن سرنديءَ وارن، صنعتڪارن، واپارين ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي بي گهر ۽ متاثر ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي وڌن. وقتي صدر وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي عملدارن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ٺوس ڪوششون لازمي آهن ته جيئن وقت سر ريليف، بحالي ۽ نئين سر تعمير کي يقيني بڻائي سگهجي جنهن ۾ بنيادي سهولتن جي بحالي، پناهگاهن، خوراڪ، طبي امداد ۽ انفراسٽرڪچر جي مرمت شامل آهي. بعد ۾ وقتي صدر سان پيپلزپارٽي آمريڪا جي ڪوآردينيٽر مقصود علي ڪمبوهه، سينيٽر عبدالشڪور خان (جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان)، قومي اسيمبلي ميمبر نويد عامر ۽ ايم اين اي قادر خان مندوخيل، سينيٽر فلڪ ناز پڻ ملاقات ڪئي جن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال کان آگاهه ڪيو.