ٽي چوڪ فلاءِ اوور جو منصوبو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي شهرين جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽي چوڪ فلاءِ اوور جو منصوبو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي شهرين جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ريل ڪار جي تجويز ڪيل منصوبي سان جاڙن شهرن جي رهواسين کي وڌيڪ آسانيون ملنديون، ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ٽي روڊ، اسلام آباد …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽي چوڪ فلاءِ اوور جو منصوبو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي شهرين جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ريل ڪار جي تجويز ڪيل منصوبي سان جاڙن شهرن جي رهواسين کي وڌيڪ آسانيون ملنديون، ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ٽي روڊ، اسلام آباد ايڪسپريس هاءِ وي جي جنڪشن (ٽي چوڪ) روات تي فلاءِ اوور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميا ۽ سي ڊي اي سميت لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ٽي چوڪ فلاءِ اوور منصوبي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اهو منصوبو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي شهرين جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، هڪ ڪلوميٽر جي فلاءِ اوور سان ايڪسپريس وي ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ ۾ سهولت ٿيندي. هن ٽي چوڪ منصوبي جي لاءِ گهرو وزير ۽ سي ڊي اي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2027ع ۾ ايس سي او سمٽ جي ميزباني ڪندو، ايس سي او سمٽ جي لاءِ تياريون هينئر کي ڪرڻيون پونديون. هن اسلام آباد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌايو ته تاجڪستان تحفي ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا ڏنا آهن جن سان شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو، شاهراهه دستور کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ڪجهه هفتن ۾ شاهراهه دستور جي ڀرپاسي خوبصورت گل ڏسڻ جي لاءِ ملندا. وزيراعظم چيو ته گهرو وزير محسن نقوي ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، پنڊي، اسلام آباد ۾ سفري سهولتن جي نئين منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ريل ڪار جي تجويز ڪيل منصوبي سان جاڙن شهرن جي رهواسين کي وڌيڪ آسانيون ٿينديون. وزيراعظم چيو ته ميٽرو بس سروس کانسواءِ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ اي وي ٽرانسپورٽ پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي. هن سي ڊي اي ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن کي ڀرپور محنت سان جاڙن شهرن کي ڳنڍڻ ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافي ۽ شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. گهرو وزير محسن نقوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايڪسپريس وي ڪجهه مهينا اڳ مڪمل ٿي چڪو هو، ٽي چوڪ فلاءِ اوور منصوبي جو 150 ڏينهن ۾ افتتاح ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪي هدف ڏنا ويا انهن کي اعليٰ معيار کي نظر ۾ رکندي مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽي چوڪ فلاءِ اوور منصوبي تي هڪ ارب 49 ڪروڙ 50 لک رپيا لاڳت ايندي ۽ 150 ڏينهن جي گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيندو. اسلام آباد ايڪسپريس وي وفاقي گادي واري شهر جو اهم رستو آهي جيڪو راولپنڊي، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ جي ٽي روڊ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. سي ڊي اي اڳ ۾ ئي زيرو پوائنٽ کان ٽي چوڪ تائين اسلام آباد ايڪسپريس وي کي سگنل فري بڻائي ڇڏيو آهي. جي ٽي روڊ ٽي چوڪ روات اسلام آباد ايڪسپريس وي جنڪشن، وفاقي گادي واري شهر جو اهم داخلي رستو آهي، هن وقت ان جنڪشن تي ٽريفڪ جو تمام گهڻو وهڪرو ٿئي ٿو ۽ اهو خراب حالت جو شڪار اهي، هلڪي ٽريفڪ سان گڏوگڏ وڏي ٽريفڪ جو پڻ ان تي شديد ٻاءُ آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سي ڊي اي منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي ۽ سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جي وچ ۾ رائيٽ آف وي جي معاملي کي حل ڪيو ويو ۽ 5 جون 2025ع تي اين ايڇ اي سي ڊي اي کي اين او سي جاري ڪيو. ان جنڪشن سان روزانو اٽڪل هڪ لک گاڏين جو گذر ٿئي ٿو، فلاءِ اوور جي تعمير سان ڏهاڙي اٽڪل 41 هزار 572 گاڏين جي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي. لاهور ۽ پنجاب جي ٻين علائقن مان اسلام آباد جي ٽي روڊ رستي ايندڙ مسافرن جي سهولت لاءِ فلاءِ اوور جي ڊيزائن ميسرز نيسپاڪ تيار ڪئي آهي. فلاءِ اوور جي ڊيگهه هڪ ڪلوميٽر کان وڌيڪ ۽ ان جي ويڪرائي 11.30 ميٽر هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ اسٽريٽ لائيٽس ۽ هارٽيڪلچر جو پڻ انتظام ڪيو ويندو.