چينگدو – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چين جي سرڪاري دوري جي شروعات تي چينگدو پهچي ويو، چينگدو شوانگيو عالمي هوائي اڏي تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويدونگ ۽ سيچوان صوبي جي نائب گورنر هوانگ رويڪسوي صدر جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ زيڊونگ پڻ صدر جي استقبال لاءِ موجود …
صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري جي شروعات تي چينگدو پهچي ويو

مزید خبریں
چينگدو – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چين جي سرڪاري دوري جي شروعات تي چينگدو پهچي ويو، چينگدو شوانگيو عالمي هوائي اڏي تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويدونگ ۽ سيچوان صوبي جي نائب گورنر هوانگ رويڪسوي صدر جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ زيڊونگ پڻ صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر آصف علي زرداري چيني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ پاڪستان – چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تحت گڏيل مقصدن جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.











